رحيمداد راهي

رحيمداد راهي

رحيمداد راهي

رحيمداد راهي: شاعر ۽ قومي ڪارڪن رحيم داد ولد حاجي علي شير سومرو پهرين سيپٽمبر 1959ع تي چڪ، تعلقي لکي غلام شاهه، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم. اي (سماجيات) ۽ بي. ايڊ آهي. هيءُ 1978ع ۾ تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو، جنهن کانپوءِ 1986ع ۾ ڊرائنگ ماستر طور ترقي ڪيائين. هن 1981ع کان شاعريءَ جي شروعات ڪئي، شاعريءَ ۾ ’استاد راهي‘ تخلص استعمال ڪندو آهي. سندس ٻه ڪتاب نثر ۾ ڇپيل آهن: (1) ’ياسر عرفات‘ (1983ع)، (2) ’مذهب جو فلسفو‘ (1996ع).
استاد راهي، هڪ قومي ڪارڪن طور قومپرست سياست ۾ پڻ حصو ورتو. سندس وابستگي مختلف وقتن تي ’سنڌ قومي اتحاد‘، ’سنڌ ساگر پارٽي‘، ’جيئي سنڌ محاذ‘ ۽ ’هاري حقدار تحريڪ‘ سان رهي آهي. هي ’گورنمينٽ سيڪنڊري ٽيچرس ايسوسيئشن‘ جو ضلعي عهديدار، ’سنڌ بلوچستان ڊرائنگ ٽيچرس ايسوسيئيشن‘ جو مرڪزي عهديدار پڻ رهيو آهي. استاد ’العزيز ادبي انجمن، چڪ‘ ۽ ’سنڌي ادبي سنگت، چڪ‘ سان سلهاڙيل رهيو آهي. سندس شاعري ۽ مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا، سنڌي ٻوليءَ تي لکيل سندس نظم ’سنڌي ٻولي، قومي ٻولي‘ ڪافي مشهور ٿيو.
کانپوءِ 1986ع ۾ ڊرائنگ ماستر طور ترقي ڪيائين. هن 1981ع کان شاعريءَ جي شروعات ڪئي، شاعريءَ ۾ ’استاد راهي‘ تخلص استعمال ڪندو آهي. سندس ٻه ڪتاب نثر ۾ ڇپيل آهن: (1) ’ياسر عرفات‘ (1983ع)، (2) ’مذهب جو فلسفو‘ (1996ع). استاد راهي، هڪ قومي ڪارڪن طور قومپرست سياست ۾ پڻ حصو ورتو. سندس وابستگي مختلف وقتن تي ’سنڌ قومي اتحاد‘، ’سنڌ ساگر پارٽي‘، ’جيئي سنڌ محاذ‘ ۽ ’هاري حقدار تحريڪ‘ سان رهي آهي. هي ’گورنمينٽ سيڪنڊري ٽيچرس ايسوسيئشن‘ جو ضلعي عهديدار، ’سنڌ بلوچستان ڊرائنگ ٽيچرس ايسوسيئيشن‘ جو مرڪزي عهديدار پڻ رهيو آهي. استاد ’العزيز ادبي انجمن، چڪ‘ ۽ ’سنڌي ادبي سنگت، چڪ‘ سان سلهاڙيل رهيو آهي. سندس شاعري ۽ مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا، سنڌي ٻوليءَ تي لکيل سندس نظم ’سنڌي ٻولي، قومي ٻولي‘ ڪافي مشهور ٿيو.



هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.09.01  عيسوي

شاعر ۽ قومي ڪارڪن رحيم داد ولد حاجي علي شير سومرو پهرين سيپٽمبر 1959ع تي چڪ، تعلقي لکي غلام شاهه، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

زاهد ڪنڀار
بلهي شاهه
آذر ناياب بدايوني
راز ناٿن شاهي
تابش دهلوي
سليم بچاڻي
ٽالپر ڪرم
احمد سولنگي
الهنواز نواز رُڪڻائي
زبيده ميتلو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون